ضدي دڙو

ضدي دڙو (ماڳ): هن نالي سان ٻه قديم دڙا بلوچستان ۾ خضدار جهالاوان جي علائقي ضدي ۾ واقع آهن. ان ڪري علائقي جي نسبت سان ضدي دڙا سڏجن ٿا. هي ٻئي دڙا اوائلي سنڌو تهذيب واري دؤر سان واسطو رکن ٿا، هڪ ٻئي کان 500 والن جي مفاصلي تي آهن. هي دڙا غير آباد علائقي ۾ آهن. هنن دڙن مان ڪِلي گل محمد ٺڪر، توگو بي ۽ سي ٺڪر، نال- ٺڪر، زاري ٺڪر ۽ ڪاري رنگ جو انجيرا وارو ٺڪر ملي ٿو. هي انجيرا ماڳ جي سلسلي جو هڪ ماڳ ڪري ڳڻي سگهجي ٿو، هتان انجيرا تان مليل ڪاري رنگ جو پوچو ڏنل ٺڪر وغيره مليو آهي. لاڌ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هي ماڳ مختلف دورن ۾ مختلف ثقافتن جي ماڻهن لاءِ رهائش جو هنڌ رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو